ٽڪ ٽاڪ جي معاملي تي چين ۽ آمريڪا ۾ ڇڪتاڻ تيز

 

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ٽڪ ٽاڪ جي معاملي تي آمريڪا تي هراسان ڪرڻ جو الزام هنيو آهي.

چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اڱاري ڏينهن چيو ته آمريڪي صدر طرفان ٽڪ ٽاڪ جي حوالي سان قدم ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن جي مارڪيٽ اڪانومي، آزاد واپار، شفافيت ۽ غير امتيازي ورتاءَ بابت قانونن جي ڀڃڪڙي ثابت ٿي رهيا آهن.

بائٽ ڊانس نالي ڪمپني جو ويڊيو شيئرنگ پليٽ فارم ٽڪ ٽڪ اڄڪلهه آمريڪا ۾ وفاقي سطح جي جاچ جي وڪڙ ۾ آهي.

آمريڪي اختيارين جو الزام آهي ته اها ايپ آمريڪي واهپيدارن جي ڊيٽا چيني حڪومت کي فراهم ڪري ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.