مون سون جو ايندڙ اسپيل ڪراچي تي ڪيترو اثرانداز ٿيندو؟

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ 3 ڏينهن جي برسات جي اسپيل ۾ 100 کان 130 ملي ميٽر برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.

موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر عبدالقيوم ڀُٽي خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته هوا جو هڪ گهٽ دٻاءُ رن آف ڪڇ تي ٺهي چڪو آهي ۽ هوا جو هڪ ٻيو گهٽ دٻاءُ نار بنگال تي موجود آهي، ايندڙ ٻن ڏينهن دوران اهي ٻئي سسٽم ڀارتي گجرات ۾ گڏجي ويندا.

هن ٻڌايو ته هوا جا ٻئي گهٽ دٻاءَ گڏجڻ سان مون سون جي شدت ۾ واڌ ٿيندي ۽ مون سون جو اهو سسٽم خميس کان سنڌ ۾ اثرانداز ٿيندو، جڏهن ته ڪراچي ۾ 3 ڏينهن جي اسپيل دوران 100 کان 130 ملي ميٽر برسات جو امڪان آهي.

سندس چوڻ هو ته گذريل برساتن کان وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي، جنهن سان اربن فلڊنگ جو به خطرو رهندو، اسان انتظاميا کي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن نالن جي وقت تي صفائي نه ڪئي وئي ته صورتحال بدتر ٿي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.