جهازن کي پکين کان محفوظ رکڻ لاءِ آپريشن شروع

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سول ايوي ايشن اٿارٽي (سي اي اي) ايئر پورٽن ڀرسان جهازن کي پکين کان محفوظ رکڻ لاءِ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.

ايوي ايشن ڊويزن ترجمان عبدالستار کوکر موجب ايئرپورٽن تي پکين کي مارڻ لاءِ نشاني بازن جون ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن.

سندس چوڻ هو ته انٽرنيشنل ايئرپورٽن سميت گوادر، اسڪردو، چترال، ملتان، فيصل آباد ۽ سکر ۾ به خاص قدم کڻنداسين.

هن چيو ته ايئرپورٽن جي حدن مان جانورن جي باقيات کڻڻ لاءِ به خاص ٽيمون ڪم ڪري رهيون آهن، انهن کي مناسب هنڌن تي زمين ۾ پوريو پيو وڃي.

ايوي ايشن ڊويزن ترجمان موجب اٿارٽي لاڳاپيل ضلعن جي انتظاميا کي به پڻ قدم کڻڻ لاءِ چيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.