انگلينڊ جي ڀيٽ ۾ اسان جا بالر تجربو نٿا رکن، تيارين مان مطمئن آهيون: مصباح الحق

 

مانچسٽر (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق چيو آهي ته انگلينڊ جي ڀيٽ ۾ اسان جا بالر گهڻو تجربو نٿا رکن، ٽاپ آرڊر جو پرفارم ڪرڻ تمام ضروري آهي.

مانچسٽر ۾ ويڊيو لنڪ پريس ڪانفرنس ڪندي مصباح الحق چيو ته انگلينڊ خلاف سيريز لاءِ مجموعي طور تيارين جي حوالي سان مطمئن آهيون، اسان هتي هڪ مهيني کان وڌيڪ وقت گذاريو آهي، رانديگر سٺي فارم ۾ آهن.

هن چيو ته اسان کي سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي، انگلينڊ سٺي ٽيم آهي پر اسان وٽ به صلاحيت موجود آهي، نٿو سمجهان ته رانديگر موجوده صورتحال سبب ذهني دٻاءَ جو شڪار آهن.

سندس چوڻ هو ته پهرين اننگز ۾ جيڪڏهن توهان 300 کان وڌيڪ اسڪور ڪري ٿا وڃو ته ڪاميابي جا امڪان 70 سيڪڙو ٿي ويندا آهن، ڪنڊيشن کي ڏسي ڪامبينيشن ٺاهينداسين، نوجوان بالرن ۾ ڀرپور صلاحيت آهي ۽ انهن لاءِ وڏو موقعو آهي.

مصباح الحق موجب انگلينڊ جي ڀيٽ ۾ اسان جا بالر گهڻو تجربو نٿا رکن، وسيم اڪرم بالرن سان سدائين رابطي ۾ رهيو آهي، اسان کي بهتري ڏانهن وڃڻو آهي.

هن چيو ته ٽاپ آرڊر جي پرفارمنس وڏي اهميت رکي ٿي، سڀاڻي 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪنداسين ۽ هر شعبي جي حساب سان رانديگر رکنداسين.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 5 آگسٽ کان مانچسٽر ۾ شروع ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.