”حيران آهيان ته وفاق جا سمجهدار وزير به بي سمجهن واريون ڳالهيون پيا ڪن“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته وفاق ۽ پنجاب حڪومتون پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ سنڌ تي الزام هڻي رهيون آهن.

وفاقي وزيرن شبلي فراز ۽ فخر امام جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي ناصر حسين شاهه چيو ته هن وقت به سنڌ مان ڪڻڪ ٻين صوبن ڏانهن وڃي رهي آهي، پنجاب حڪومت ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڇو نه پئي ڪري؟ پنجاب جا وزير ذخيرو ڪندڙن سان پارٽنرشپ ختم ڪري ڪارروائي ڪن.

هن چيو ته وفاقي وزير پنجاب وڃي پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺن، پوءِ الزام هڻن، حيران آهيان ته وفاق جا سمجهدار وزير به بي سمجهن واريون ڳالهيون ڪري رهيا آهن.

واضح رهي ته سڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته سنڌ حڪومت پنهنجي حصي جي ڪڻڪ نه پئي ڏئي، جنهن سبب اگهه وڌي رهيا آهن، ان کان اڳ جو گورنر راڄ جي ڳالهه ڪيون سنڌ حڪومت پنهنجو رويو تبديل ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.