حيدرآباد: مبينا کنڀي گم ڪيل شاگرد مهراڻ ميراڻي جي آزادي لاءِ مظاهرو

عوامي آواز رپورٽ
حيدرآباد: مبينا کنڀي گم ڪيل شاگرد مهراڻ ميراڻي جي آزادي لاءِ مظاهرو
عوامي آواز رپورٽحيدرآباد: مبينا کنڀي گم ڪيل شاگرد مهراڻ ميراڻي جي آزادي لاءِ مظاهرو

قاسم آباد حيدرآباد مان مبينا طور کنڀي گم ڪيل ڊگري ڪاليج جي شاگرد مهراڻ ميراڻي جي آزادي لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي . ان موقعي تي مهراڻ ميراڻي جي امڙ مسمات سڪينه ، سندس ڀاءٌ شاهجهان ميراڻي ۽ ڪاليج جي شاگردن  نور احمد، مختيار ميراڻي ۽ ٻين چيو ته 13 جنوري جي شام جو 6وڳي  سندن نوجوان انٽر جي شاگرد مهراڻ ميراڻي کي  وحدت ڪالوني  وينديه رستي ۾ سادن ڪپڙن سان بيٺل اهلڪارکنڀي کڻي ويا ، جنهن جي گهڻي ڳولها ڪرڻ بعد ڪا به خبر نه ٿي پوي ،هنن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته کنڀي گم ڪيل مهراڻ ميراڻي تي جيڪڏهن ڪوبه ڪيس داخل آهي ته جلد کيس عدالت ۾ پيش ڪري ڪيس هلايو وڃي۽کيس ظاهر ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.