ڊي جي خان ۾ ٻارڙيءَ تي تشدد ڪندڙ جوابدار گرفتار

 

ڊيرا غازي خان (ويب ڊيسڪ) پوليس 7 ورهين جي گهريلو ملازمه تي تشدد ڪندڙ جوابدار ڪليم الله کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب سمينا ڳوٺ ۾ ٻارڙي تي تشدد جي ويڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ پوليس متاثر ٻارڙيءَ جي وارثن سان رابطو ڪيو ۽ امداد لاءِ ڇوڪري کي اسپتال پهچايو.

پوليس اختيارين جو چوڻ هو ته ٻارڙي جي وارثن کان ملندڙ ڄاڻ جي بنياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، متاثر ڇوڪري ڪليم الله نامي شخص جي گهر ۾ ڪم ڪندي هئي، جنهن ٻارڙي تي لوهه جي راڊ ۽ ڏنڊي سان تشدد ڪيو پر تشدد جو سبب معلوم ناهي ٿي سگهيو.

پوليس موجب ٻارڙي تي تشدد ڪيس ۾ جوابدار ڪليم الله کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار کي گهروارن جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.