ڪراچي ۾ اڳ کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ 6 آگسٽ کان تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.

ذريعن موجب سنڌ ۾ 6 آگسٽ کان برسات وسائڻ وارو سسٽم اثرانداز ٿي سگهي ٿو، جنهن سبب ڪراچي سميت ٻين علائقن ۾ تيز مينهن جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته رن آف ڪڇ تي هوا جو هڪ گهٽ دٻاءُ بڻجي رهيو آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ اهو سسٽم سنڌ تي اثرانداز ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي سامونڊي علائقن سميت ڪراچي ۾ تيز مينهن وسي سگهي ٿو.

ذريعن موجب هوا جو هڪ ٻيو گهٽ دٻاءُ نار بنگال ۾ به بڻجي رهيو آهي، اهي ٻئي سسٽم سنڌ تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا، تنهن ڪري 7 کان آگسٽ دوران ڪراچي ۾ برسات جو امڪان آهي، جيڪا اڳ کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي هيٺين علائقن ۾ اربن فلڊنگ جو به خطرو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.