وفاقي حڪومت جي نااهلي هر فيلڊ ۾ سامهون اچي چڪي آهي: ناصر شاهه

 

سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته عيد تي ايس او پيز تي عمل ناهي ٿيو، جنهن سان ڪورونا ڪيس وڌڻ جو خدشو آهي.

سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته ڪراچي شهر جي ڪنڊ ڪڙڇ مان جانورن جي باقيات کڻڻ جي عمل کي يقيني بڻايو وڃي، ايس ايس ڊبليو ايم اي صبح کان سٺي ڪم ڪري رهي آهي ۽ ڊي ايم سيز پنهنجي علائقن مان باقيات کڻڻ کانپوءِ اسپري ڪن ۽ جراثيم مار پائوڊر هارين.

هن چيو ته ڪراچي وارن جي يادداشت ڪمزور ناهي، اڳ ۾ ٿوري مينهن سان روڊ بند ٿي ويندا هئا پر هاڻ ڪم ٿيو آهي، جيڪو سنڌ حڪومت ڪيو آهي، برسات سبب ڪراچي جا ڪجهه علائقا پاڻي هيٺ آيا ۽ ٻن ڪلاڪن کانپوءِ پاڻي نڪرڻ شروع ٿي ويو هو.

سندس چوڻ هو ته 5 کان 11 آگسٽ تائين تيز مينهن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جنهن سبب نالن جي صفائي لاءِ سڄي سنڌ ۾ ڪمشنرن کي فنڊ موڪليا ويا آهن.

صوبائي وزير موجب ڪورونا هاڻ آيو آهي ۽ پوليو سالن کان هلندو پيو اچي، ان باوجود مهم هلائڻي پوندي آهي، عيد تي ايس او پيز تي عمل ناهي ٿيو، خدشو آهي ته ٻيهر ڪيس وڌندا، وفاقي حڪومت جي نااهلي هر فيلڊ ۾ سامهون اچي چڪي آهي.

ناصر شاهه چيو ته ڪورونا اڃا ختم ناهي ٿيو، رڳو ٽيسٽون گهٽائي شڪي مريضن جون ٽيسٽون ڪيون پيون وڃن، وفاقي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، اين سي او سي سان رابطي ۾ آهيون، دعا آهي ته ڪورونا جو خاتمو ٿئي ۽ زندگي ٻيهر معمول تي اچي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.