ڪراچي ۾ نالن جي صفائيءَ جو ڪم سڀاڻي کان شروع ڪرڻ جو اعلان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو آهي ته ڪراچي ۾ نالن جي وڏي پئماني تي صفائي جو ڪم سڀاڻي کان شروع ڪيو ويندو.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو ته وزيراعظم ڪراچي وڃي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ ڪراچي ويس، جڏهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان 3 ملاقاتون ٿيون ۽ ڪور ڪمانڊر جي به سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ڪئي، ان سان گڏوگڏ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ ڪراچي جي ميئر وسيم اختر سان به مليس.

هن چيو ته ڪراچي جي مسئلن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، تنهن ڪري موجوده سيزن ۾ مسئلن جي حل لاءِ تڪڙا قدم کڻي رهيا آهيون.

سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي ندين ۽ نالن تي حددخليون تمام گهڻيون ۽ نيڪالي نظام درست ناهي، شهر ۾ روز 20 هزار ٽن سالڊ ويسٽ پيدا ٿي رهيو آهي، سيوريج ۽ برسات پاڻي سميت حددخلين جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، وڏن نالن جي صفائي لاءِ ايف ڊبليو او کي ڪم سونپيو ويو آهي ۽ سڀاڻي صبح تائين شهر ۾ وڏي پئماني تي ڪم شروع ٿي ويندو.

اين ڊي ايم اي چيئرمين چيو ته 7 کان 9 آگسٽ تائين ڪراچي ۾ برسات جو امڪان آهي پر ڪوشش ڪنداسين ته هلندڙ سيزن جي ايندڙ برساتي سسٽم ۾ نقصان گهٽ کان گهٽ ٿئي، مسئلي جي مستقل حل لاءِ اسٽيڪ هولڊرز کي ويهارڻ جي ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.