شيخوپورا ۾ زمين جي تڪرار تان پيءُ ۽ پٽ قتل

شيخوپورا (ويب ڊيسڪ) شيخوپورا ويجهو زمين جي تڪرار تي هٿياربندن پيءُ ۽ پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو.

ڪلهوٽي روڊ تي زمين جي تڪرار تي مخالفن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ پيءُ ۽ پٽ مارجي ويا.

پوليس موجب واقعو عيد جي ٻئي ڏينهن صبح جو پيش آيو، جتي گول پنڊ ويجهو زمين جي تڪرار تي مخالفن فائرنگ ڪري طارق ۽ سندس پٽ مصطفيٰ کي قتل ڪيو.

پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال موڪليا ۽ ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.