ڪراچي ۾ رستو نه ڏيڻ تان جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ رستو نه ڏيڻ تان جهيڙي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.

پوليس موجب ضياءَ ڪالوني جي اسٽريٽ نمبر 6 ۾ رستو نه ڏيڻ تان جهيڙو ٿي پيو.

سونا نالي هڪ شهري پنهنجي پٽ سان گڏ گاڏي ۾ وڃي رهيو هو ته رڪشا ۽ موٽر سائيڪلون اڳيان اچڻ سبب جهيڙو ٿيو، جهيڙي دوران سونا نالي شخص حياتي وڃائي ويٺو.

پوليس چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.