لاهور ۾ تيز برسات، شهرين کي قربانيءَ ۾ ڏکيائيون

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ تيز برسات کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي.

پنجاب جي سڀ کان وڏي شهر لاهور ۾ صبح ساڍي ستين وڳي کان ساڍي نائين وڳي تائين برسات جاري رهي، اندروني شهر ۾ 63 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

موسميات کاتي موجب سڀ کان وڌيڪ 71 ملي ميٽر برسات تاج پورا ، لکشمي چوڪ ۾ 69 ملي ميٽر، فرخ آباد ۾ 65 ايم ايل، ايئرپورٽ تي 50 ايم ايل، گلشن راوي ۾ 47 ايم ايل ۽ نشتر ٽائون ۾ 42 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

برسات سبب شهر جا ڪيترائي علائقا پاڻي ۾ ٻڏي ويا، جڏهن ته ماڻهن کي عيد جي ٻئي ڏينهن قرباني ڪرڻ ۾ پڻ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ واسا جي عملدارن کي فوري طور تي پاڻي نيڪالي جو حڪم ڏنو آهي.

عثمان بزدار جو چوڻ هو ته برسات جو پاڻي بيٺل هجڻ سبب شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، لاڳاپيل اختيارين جي سستي افسوس جوڳو عمل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.