ظلم جو شڪار ڪشميرين لاءِ آءِ ايس پي آر جو نئون گيت

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آءِ ايس پي آر والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي ظلم جو شڪار ڪشميرين لاءِ نئون گيت جاري ڪري ڇڏيو.

پاڪ فوج جو ترجمان ادارو ڪشميرين جو آواز بڻجي ويو آهي ۽ آءِ ايس پي آر طرفان ڀارتي ظلمن جو شڪار ڪشميرين لاءِ نئون گيت جاري ڪيو ويو آهي، ان گيت ۾ ناليواري ڳائڻي شفقت امانت علي پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو آهي.

5 آگسٽ 2019 تي ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 کي رد ڪري رياست جي خاص حيثيت ختم ڪري ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو هو.

آءِ ايس پي آر 5 آگسٽ جي حوالي سان هڪ نئون گانا جاري ڪيو، جنهن جو عنوان ”ميري وادي ڇوڙ دو“ آهي.

گيت جي خاص ڳالهه اها به آهي ته پهريون ڀيرو هڪ ڪشميري پڻ ان گاني جو مک ڪردار آهي.

گانو گهڙيال جي آواز سان شروع ٿئي ٿو، جيڪو ياد ڏياري ٿو ته گذريل 365 ڏينهن کان ڪشميرين گهيري ۾ آهن.

واضح رهي ته والاريل ڪشميري هڪ سال کان بدترين رياستي دهشتگردي ۽ لاڪ ڊائون کي منهن ڏئي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.