ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جي تازي صورتحال

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 5970 ٿي ويو جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ مريضن جو انگ 279191 تائين پهچي ويو.

هن وقت تائين پنجاب ۾ 2142، سنڌ ۾ 2209 ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 1200 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته اسلام آباد ۾ 165، بلوچستان ۾ 136، آزاد ڪشمير ۾ 54  گلگت بلتستان ۾ 53 ڄڻا فوت ٿي ويا.

اڄوڪي ڪيسن جي صورتحال:

اڄ ملڪ سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا 288 ڪيس ۽ 3 فوتگيون رپورٽ سامهون آيون جنهن ۾ پنجاب مان 184 ڪيس ۽ 2 فوتگيون، خيبرپختونخواهه مان 104 ڪيس ۽ 1 فوتگي سامهون آئي.

پنجاب:

پنجاب مان اڄ ڪورونا وائرس جا 184 ڪيس ۽ 2 فوتگيون رپورٽ ٿيون جنهن جي تصديق پي ڊي ايم اي طرفان ڪئي وئي آهي.

صوبائي ڊيزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي موجب پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو ڪل انگ 93057 ۽ فوتگيون 2142 ٿي چڪيون آهن.

صوبي ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جا 82541 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

اسلام آباد:

وفاقي راڄڌاني مان اڄ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 27 ڪيس سامهون آيا آهن جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪيا ويا آهن.

پورٽل موجب اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو ڪل انگ 15014 ۽ فوتگيون 165 ٿي ويون آهن.

ان کان سواءِ شهر ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيلن جو انگ 12494 ٿي ويو آهي.

گلگت بلتستان:

گلگت بلتستان مان اڄ ڪورونا جا وڌيڪ 15 ڪيس سامهون آيا.

سرڪاري پورٽل موجب گلگت ۾ ڪورونا جي مريضن جو گڏيل انگ 2105 ۽ فوتگيون 53 ٿي ويون آهن.

گلگت ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيلن جو گڏيل انگ 1719 آهي.

آزاد ڪشمير:

آزاد ڪشمير مان اڄ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 8 ڪيس ۽ 3 فوتگيون سامهون آيون آهن.

آزاد ڪشمير ۾ هن وقت تائين گڏيل طور تي 2073 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي جڏهن ته اُتي فوتين جو گڏيل انگ 54 آهي.

آزاد ڪشمير ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس مان 1639 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن.

سنڌ:

ڪالهه سنڌ ۾  ڪورونا وائرس جي ڪري وڌيڪ 11 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ صوبي ۾ فوتين جو انگ 2220 ٿي ويو.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڌيڪ 489 ڄڻن ۾ ان وائرس جي تصديق ڪئي جنهن کان پوءِ صوبي ۾ متاثر مريضن جو گڏيل انگ 121039 تائين پهچي ويو.

صوبي ۾ هن وقت تائين 110738 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

بلوچستان:

بلوچستان ۾ خميس تي ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 11 ڪيس سامهون آيا جنهن کان پوءِ ڪورونا وارئس جي مريضن جو گڏيل انگ 11743 ٿي ويو جڏهن ته هن وقت تائين وائرس جي ڪري 136 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

ان کان سواءِ بلوچستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا مان 10130 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

خيبرپختونخواهه:

صوبي خيبرپختونخواهه ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 104 ڪيس ۽ هڪ فوتگي سامهون آئي.

خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري هن وقت تائين گڏيل طور تي 1200 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته صوبي ۾ متاثر ماڻهن جو انگ 34160 تائين پهچي چڪو آهي.

ڪي پي ۾ هن وقت تائين 28978 ڄڻا ڪورونا وائرس مان صحتياب به ٿي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.