”هڪ فوجي جوان ئي قرباني کي سمجهي سگهي ٿو“

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه عيدالاضحيٰ تي لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) جو دورو ڪيو ۽ عيد اڳين مورچن تي مقرر جوانن ۽ آفيسرن سان گڏ ملهائي.

پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف ايل او سي جي کوئي رٽ سيڪٽر جو دورو ڪيو ۽ اُتي مقرر آفيسرن ۽ جوانن سان گڏ عيد جو ڏينهن ملهايو.

ان موقعي تي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته اسان جو دشمن پاڪستان ۽ خطي کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ چاهي ٿو، ڪنهن به جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت موجود آهي، اسان پنهنجي جي عزمن کان بخوبي آگاهه آهيون.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه فوجي جوانن جي حوصلي ۽ عزمن کي ساراهيو، آرمي چيف ڪنٽرول لائن تي آپريشنل تيارين ۽ مسلسل موثر نگراني تي جوانن کي ساراهيو.

 آرمي چيف چيو ته عيد الاضحيٰ جي قرباني کي فوجي جوان کان بهتر ڪير به نٿو ڄاڻي سگهي.

ان موقعي تي آرمي چيف ڀارتي ظلمن جي خلاف ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڪشميري سمورين ڏکيائين جي باوجود ڄمي بيٺل رهيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.