”ڪورونا مريضن جو انگ گهٽجي پيو، غفلت ٿي ته محنت ضايع ٿي ويندي“

ملتان(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ گهٽجي ويو آهي پر جيڪڏهن غفلت ٿي ته محنت رائيگان وڃي سگهي ٿي.

عيد نماز کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته هي عيد ماضي جي عيدن کان مختلف آهي، قوم کي گهرجي ته ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪري، هن سال حج به ماضي جي حج کان مختلف هو، حاجين کي محدود ڪيو ويو هو، قوم کان گذارش آهي ته فرض نڀائي پر احتياط ڪري.

سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ڪورونا جي مريضن جو انگ گهٽجي ويو آهي پر جيڪڏهن احتياط نه ڪيو ويو ته سڄي محنت رائيگان وڃي سگهي ٿي.

والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته 5 آگسٽ تي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ڪڙي کي هڪ سال مڪمل ٿيندو، ڪشميرين سان ڀرپور ٻڌي جي اظهار لاءِ 5 آگسٽ تي يوم استحصال ملهائينداسين.

هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جو جهنڊو ڪيرايو ويو، انهن تي جبر ڪيو ويو، اڄ به شايد جامع مسجد سري نگر ۾ عيد جي نماز ادا نه ڪري سگهيا، ڀارت بابري مسجد جي جاءِ مندر اڏي سڄي مسلمان امت جو استحصال پيو ڪري.

شاهه محمود قريشي چيو ته 5 آگسٽ تي صبح 10 وڳي منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي، وزير اعظم ڪشمير اسيمبلي کي خطاب ڪندو جڏهن ته ملڪ جو صدر اسلام آباد ۾ ريلي جي قيادت ڪندو ۽ مختلف شهرن ۾ ڪشيمرين سان ٻڌي جي لاءِ ريليون ۽ سيمينار ٿيندا.

نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جي حوالي سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته ڪالهه وزير اعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ سستي گهرن جي پروگرام ۾ اڳڀرائي ٿي، بلڊرز فيصلو ڪيو آهي ته هو ايندڙ ٻن ٽن مهينن ۾ 1300 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪندا، ان سان پاڪستاني معيشت ۾ مضبوطي ايندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.