پهرين منهنجو ٻڪر ذبح ٿيندو…؟ چاچو ۽ ڀائٽيو قرباني تان وڙهي پيا

رحيم يار خان(ويب ڊيسڪ) رحيم يار خان ۾ ٻڪرو پهرين ذبح ڪرڻ تي چاچي ۽ ڀائٽي ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا.

تفصيل موجب صادق آباد ۾ ڪاسائي جي تڪرار تي جھيڙو شروع ٿيو ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪاسائي ٻڪرا ذبح ڪرائڻ لاءِ دير سان پهتو، جنهن دوران ۽ چاچي ۽ ڀائٽي جي گهر ڀاتين ۾ ويڙهه ٿي.

پوليس موجب، ويڙهه چاچا جي ٻڪري کي پهرين ذبح ڪرڻ تان ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.