آمريڪي رياست الاسڪا ۾ ٻه جهاز پاڻ ۾ ٽڪرائجي پيا

جنيون(ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست الاسڪا ۾ ٻه جهاز اڏام دوران ٽڪرائجڻ سبب 7 ماڻهو مارجي ويا.

پرڏيهي خابرو ادارن موجب حادثو سولڊ ونٽا شهر جي ايئرپورٽ ويجهو ٿيو.

رپورٽ موجب جهاز رياستي قانون ٺاهيندڙ گريري نوپ اڏائي پيو، جڏهن ته ٻئي جهاز ۾ چار سياح، هڪ گائيڊ ۽ هڪ پائلٽ سوار هئا.

جهاز جي ٽڪر جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر هن زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.

آمريڪي فيڊرل ايوئيشن ايڊمنسٽريشن واقعا جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.