سنڌ حڪومت جو قيدين کي 90 ڏينهن جي رعايت ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت قيدين کي 90 ڏينهن جي رعايت ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو جيڪا عيدالاضحيٰ ۽ 14 آگسٽ جي موقعي تي ڏني ويندي.

وڏي وزير جي ترجمان موجب سيد مراد علي شاهه قيدين کي 90 ڏينهن جي رعايت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ترجمان موجب سزا ۾ رعايت عيدالاضحيٰ ۽ 14 آگسٽ سبب ڏني پئي وڃي، اميد ته قيدي هڪ نئين ۽ بهتر زندگي شروع ڪندا.

ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير، قيدين ۽ سندن گهرڀاتين کي پڻ عيد جي مبارڪباد ڏني آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.