سري نگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ مودي سرڪار جي رياستي دهشتگردي جاري آهي، قابض ڀارتي فوج وادي ۾ عوام کي عيد نماز ادا ڪرڻ نه ڏني.
قابض انتظاميه ڪشميرين کي نماز کان روڪڻ لاءِ عيد گاهن ۽ مسجدن کي تالا هڻي ڇڏيا، جڏهن ته والاريل وادي ۾ روڊن تي پڻ ڪنڊيدار تارون وڇايون ويون.
صبح جو سوير ، ڀارتي پوليس لائوڊ اسپيڪرز تي اعلان ڪيو ته ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ ويٺا رهيا، جنهن سبب قبضي هيٺ ڪشميرين پنهنجن گهرن ۾ عيد نماز ادا ڪئي.
ٻئي طرف پابندين سبب وادي ۾ قرباني جو فرض پڻ تمام محدود پيماني تي سر انجام ڏنو پيو وڃي.