جيستائين پي ٽي آءِ حڪومت هلندي عوام مٿان مصيبتون وڌنديون: پ پ اڳواڻ

ملتان(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم ۽ پيپلز پارٽي جي اهم اڳواڻ يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته جيستائين پي ٽي آءِ حڪومت هلندي عوام مٿان مصيبتون وڌنديون.

ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي يوسف رضا گيلاني چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ڏکڻ پنجاب صوبي جي مسئلي تي عوام کي بيوقوف پئي بڻائي، سندن مطالبو ڌار صوبو جو آهي، سيڪريٽريٽ جي ضرورت ناهي.

هن چيو ته ڪا به حڪومت ايتري جلدي غير مقبول ٿيندي نه ڏٺي، جيستائين پي ٽي آءِ حڪومت هلندي عوام مٿان مصيبتون وڌنديون.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته عيد جي موقعي تي ماڻهن تي پيٽرول بم گرايو ويو آهي، مخالف ڌر جي سمورين پارٽين جي صلاح مشوري سان حڪومت خلاف رٿ آندي ويندي.

پيپلز پارٽي پنجاب جي صدر قمر زمان ڪائرا چيو ته عيد جون خوشيون اڳ ئي ڪورونا سبب محدود هيون، ڇا حڪمرانن کي پيٽروم بم ڪيرائڻ لاءِ عيد جو ڏينهن ئي مليو.

هن چيو ته مهانگائي پهريان ئي غريبن عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ کانپوءِ سندن تڪليف ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.

قمر زمان ڪائرا چيو ته بي رحم ۽ فاشسٽ حڪمران هر لمحي عوام کي تڪليف ڏيڻ نه وساريندا آهن ۽ نالي ماتر حڪومت کي عوام دشمن حڪمت عملي تي ڪڏهن به شرمندگي ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.