”ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ آيل حڪمران پينشن ئي روڪي ڇڏي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مهانگائي تي ضابطو نه آيو ته عوام روڊن تي ايندو.

پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو دنيا جي مسلمانن کي عيد الاضحيٰ تي مبارڪباد ڏين ٿا، عوام عيد کي سادگي، سماجي وٿي ۽ احتياطي اپائن تي عمل ڪن.

هن چيو ته حڪمران ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ آيا هئا پر انهن پينشن کي روڪيو، هو سرڪاري ملازمن ۽ مزدورن کان معاشي ناانصافي تي خاموش نه رهندا.

چيئرمين پيپلزپارٽي چيو ته هي وقت حڪومت جي احتساب ۽ جعلي ڊرامو پڌرو ڪرڻ جو آهي، ڪرپشن جي الزامن باوجود نيب بزدار ۽ ٻين وزيرن خلاف ڪارروائي نه ڪري رهيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن سياسي پارٽين پنهنجو ڪردار ادا نه ڪيو ته مهانگائي جو شڪار ٿيندڙ ماڻهو گهڻو وقت انتظار نه ڪندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.