شوبز ستارن طرفان قوم کي عيد الاضحيٰ جون واڌايون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي شوبز ستارن پڻ مداحن کي عيد الاضحيٰ تي مبارڪباد ڏني آهي ۽ وبا دوران احتياط ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.

 هن سال جي عيد هر سال جيان ناهي، سڄي دنيا عالمي وبا ڪورونا کي منهن ڏئي رهي آهي، جنهن ڪري حڪومت عوام کي ايس او پيز تحت عيد ملهائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

 شوبز شخصيتون به ماڻهن کي هن سال عيد الاضحيٰ جون مبارڪون ڏيڻ سان گڏ احتياط ڪرڻ ۽ ايس پيز تي عمل جا مشورا ڏين پيا.

اداڪار همايون سعيد ماڻهن کي عيد جي سادگي سان ملهائڻ جو پيغام ڏنو.

ڳائڻي شهزاد راءِ ماڻهن کي عيد الاضحيٰ جي مبارڪ ڏني ۽ محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.

اداڪاره صبا قمر پنهنجي مداحن کي عيد الاضحٰي جي مبارڪباد ڏني.

اداڪاره عائزه خان مداحن کي عيد مبارڪ جو پيغام به ڏنو.

اداڪار ياسر حسين اقرا عزيز سان گڏ هڪ تصوير شيئر ڪئي ۽ مداحن کي عيد جي مبارڪباد ڏني.

اداڪاره ماورا حسين پڻ پنهنجن مداحن ۽ سمورن مسلمانن کي عيد الاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني ۽ محبت ونڊڻ جو پيغام پهچايو.

حمزه علي عباسي به پنهنجن مداحن کي عيد الاضحيٰ ۽ حج جي مبارڪباد ڏني.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.