”سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ملڪ سان دشمني آهي“

حيدر آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته ڪراچي کي مرڪز ۾ آڻڻ ۽ سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪرڻ ملڪ دشمن آهي، حڪمراني جو اهو انداز جمهوري ۽ سياسي ناهي، موجودا حڪومت وڌي نٿي هلي سگهي.

حيدرآباد ۾ عيد جي نماز کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولا بخش چانڊيي چيو ته حالتون ٺيڪ ناهن، افراتفري آهي، مهانگائي جي سونامي آئي آهي.

هن چيو ته عمران خان هڪ ناڪام وزير اعظم آهي، جيڪڏهن ڪارڪردگي سٺي ناهي ته وزير کي تبديل ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو.

مولا بخش چانڊيو چيو ته ناڪام حڪومت ۾ هڪ ناڪام پرڏيهي وزير جو نالو پڻ شامل آهي، هن ڀارتي جاسوس کي رعايت ڏياري.

پ پ اڳواڻ چيو ته الله پاڪ پاڪستان جي ماڻهن تي رحم ڪري، ڏکيائين کي گهٽائي، قرباني جو اصل مقصد نفس جو مقابلو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.