ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ عيد الاضحيٰ مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي.
ملڪ جي سڀني ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ عيد جا اجتماع رٿيا ويا جنهن ۾ عالمن قرباني جي اهميت کي اجاگر ڪيو.
عيد جي نماز بعد مسلمانن جي اتحاد، ملڪي سلامتي ، ترقي ، خوشحالي ۽ ڪورونا وبا جي خاتمي لاءِ خاص دعا ڪئي وئي.
عيدالاضحيٰ جي نماز کانپوءِ سنت ابراهيمي جي پيروي ڪندي الله جي راهه ۾ جانور قربان ڪيا پيا وڃن.
عيد الاضحيٰ جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ سيڪيورٽي جا خاص انتظام ڪيا ويا آهن، جنهن تحت پوليس جي وڏي نفري مسجدن ۽ عيد گاهن ٻاهران مقرر ڪئي وئي.