لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ 7 ڄڻن جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي، ڪورونا ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 78 ٿي ويو، 5 مريضن ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا. ان سلسلي ۾ صحت کاتي لاڙڪاڻي جي ٽيم پاران شهر جي مختلف علائقن مان اڳ پازيٽو آيل ۽ ڪورونا جي شڪي 206 ماڻهن جا سيمپل وٺي ليباريٽري اماڻي ڇڏيا هئا جن مان ڪالهه 7 ڄڻن جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي جنهن کانپوءِ ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 78 ٿي ويو آهي. ضلعي انتظاميا طرفان جاري ڪيل انگ اکرن موجب ڪالهه 5 مريضن ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب مريضن جو مجموعي تعداد 2000 ٿي ويو آهي ۽ ڪورونا جا 78 مريض گهرن ۾ آئسوليٽ ٿيل آهن. ٻئي پاسي ڪالهه صحت کاتي جي ٽيم وڌيڪ 403 ماڻهن جا سيمپل وٺي ليباريٽري اماڻي ڇڏيا آهن جن جي رپورٽ اڄ اچڻ جا امڪان آهن.