جهل مگسي روڊ ڀرسان ٽن ڄڻن مٿان 11 هزار وولٽيج جي تار ڪري پئي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) بلوچستان جي شهر جهل مگسي روڊ ڀرسان عيد جي خريداريءَ لاءِ ويندڙ موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ کاري واسي ٽن ڄڻن مٿان بجلي  جي 11 هزار تار ڪري پئي نتيجي ۾ پوليس اي ايس آءِ محمد صديق، سندس 10 سالن جو شاگرد پٽ گلزار حسين ۽ 17 سالن جو نوجوان ڀائيٽو خادم حسين ديناري سڙي سخت زخمي ٿي پيا جن کي وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي محمد صديق جي ڀاءُ در محمد ديناري ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ پنهنجي پٽ گلزار ۽ ڀائيٽي خادم حسين ديناري سان گڏجي موٽرسائيڪل تي سوار ٿي جهل مگسي شهر عيد خريداريءَ لاءِ وڃي رهيا هئا ته جهل مگسي روڊ ڀرسان گذرڻ دوران بجلي جي 11 هزار تار سندن مٿان ڪري جنهن جي نتيجي ۾ هو سڙي زخمي ٿيا آهن. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين زخمين جو علاج پڻ هلندڙ هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.