فريد آباد ٿاڻي جي حد ۾ ٻن ٻارڙين تي ڊوڙائي ڊوڙائي تشدد، وارثن سميت احتجاج

ميهڙ ( رپورٽ: جميل مهيسر ( ميهڙ تعلقي جي فريدآباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد حسن چانڊيو ۾ ٻن جوابدارن الطاف چانڊيو ۽ عبدالغفار چانڊيو ڳوٺ ۾ رستي تي  راند کيڏندڙ ٻن معصوم نياڻين 9 سالا فرزنا ڌي نياز حسين چانڊيو  ۽ 7 سالا صائراه ڌي محمد صالح چانڊيو کي معمولي ڳالھه تان ڊوڙائي  ڊوڙائي  سندن گهرن اندر گهري تشدد ۽ گارگند ڪيو، اهڙي واقعي بعد فريدآباد ٿاڻي تي ڃاڻايل ٻنهي جوابدارن الطاف چانڊيو ۽ عبدالغفار چانڊيو مٿان اين سي داخل ڪرائي وئي آهي جڏهن ته ٻئي طرف متاثر ٻن نياڻين 9 سالا فرزانا ۽ 7 سالا صائره پنهنجي چاچي حبيب اللّه ۽ سوٽر خادم حسين چانڊيو سان گڏ واقعي خلاف ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ميهڙ پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو ان موقعي تي هنن چيو ته ٻنهي معصوم نياڻين مٿان بااثر وحشي جوابدارن الطاف چانڊيو ۽ عبدالغفار چانڊيو بلاجواز  ڊوڙائي ڊوڙائي اسان جي گهرن اندر داخل ٿي نياڻين مٿان تشدد ڪري گارگند ڪيو موجود گهر ڀاتي عورتن کي ڌمڪيون ڏنيون ۽ چيو ته اسان ڇوڪري بجا ڏنا آهن ڳوٺ مان لڏي وڃو هنن وڌيڪ چيو ته اڳ ۾ به جوابدارن اسان مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو.  ۽ اسان کي وقت به وقت ڳوٺ مان لڏي وڃڻ جون ڌمڪيون ڏيندا رهن ٿا هنن مطالبو ڪيو ته معصوم نياڻين مٿان تشدد ڪندڙ  جوابدارن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪري فورن گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.