نوشهري ويجهو ڳوٺ تي پوليس چڙهائي، تشدد ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو:وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ٻاهران ڳوٺ مينهون خان کوسو ۾ رات دير سان مختلف ٿاڻن جي پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ٽن ڳوٺاڻن محمد يوسف، هدايت الله کوسو، معشوق کوسو کي کنڀي کڻي وڃڻ دوران پوليس  جي تشدد سبب ڳوٺاڻو محمد يوسف کوسو فوت  ٿي ويو جنهن جو لاش پوليس رستي ۾ فٽو ڪري سندس ڀاءُ هدايت الله کوسو کي به ڇڏي باقي هڪ ڄڻي معشوق کوسو کي کنڀي کڻي وئي. ڳوٺاڻن پاران پوليس جي بنا جواز گهرن تي چڙهائي ۽ تشدد ۾ فوت ٿي ويل نوجوان واري عمل خلاف لاش کڻي پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيوو يو ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته پوليس اسان جي گهرن مٿان بنا جواز چڙهائي ڪئي آهي اسان مٿان ڪو به ڪيس ناهي نه اسان ڪنهن ڏوھ ۾ ملوث آهيون پوليس اسان جي نوجوان کي تشدد ڪري ماريو آهي. ڳوٺاڻن آءِ جي سنڌ سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي نوشهروفيروز الطاف لغاري ۽ ڊي ايس پي اعجاز احمد ميمڻ خلاف کي هٽائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو. ٻئي طرف نوشهروفيروز پوليس جو چوڻ آهي ته اسان ڳوٺ تي چڙهائي ناهي ڪئي خبر ناهي ته ڪاٿان جي پوليس هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.