ٽنڊي غلام علي ۾ گونگي ناري سان لڄالٽ مامرو، پيرسن گرفتار

ٽنڊوغلام علي (ن ع آ )ٽنڊوغلام علي ٿاڻي تي ڊي ايس پي ماتلي خالد رستماڻي پھچي ڳوٺ سردار لغاري جي رھواسي درويش صفت گونگي  ناري شاھده ڌي مرحوم نورحسن لغاري سان مبينا زبردستي لڄالٽ جي جاچ ڪئي جتي ڳوٺاڻن واقعي کي ڪوڙو قرار ڏنو پر ناري جي ماءُ زليخان ۽ گونگي ناري جي رڙين ۽ دانھن تي مجبور ٿي ناري جي ماء جي فرياد تي 80 ورھين جي پيرسن محمد لغاري تي زنا جو ڪيس داخل ڪري کيس لاڪ اپ ڪري ڇڏيو پيرسن جوابدار روئيندي صحافين کي ٻڌايو ته آئون بيگناھ آھيان مون کان چري ناري جي ماء لک روپيا گھريا آھن منھنجي انڪار تي منھنجي خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آھي ھوڏانھن ڳوٺاڻن سرور لغاري, ڌڻي بخش لغاري ۽ ٻين ٻڌايو ته ناري جي ماءُ اڳ به اھڙا ڊراما ڪري ڳوٺ جي سڻڀن ماڻھن کان پئيسه وٺندي آھي ايس ايڇ او, نواز سرائي ٻڌايو ناري جي ماءُ آفيسرن وٽ دانھون ٿي ڪري ان ڪري پيرسن خلاف ڪيس داخل ڪيو آھي جيڪو اڳتي ھلي عدالت ۾ ڪوڙو ثابت ٿي خارج ٿي ويندو ۽ چري ناري جو عيد کان پوءِ ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.