حيدرآباد ۾عيد الاضحيٰ جي موقعي تي مهانگائي، مال جي خريداري ٺپ

حيدرآباد )رپورٽر) سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ عيد الاضحيٰ جي موقعي تي سڀ کان وڏي مال پڙي هٽڙي باءِ پاس تي لڳي پر مال پڙي دير سان لڳڻ توڙي مهانگائي سبب پڙي تي ٻاڙائي نظر آئي، جڏهن ته مهانگائي سبب شهري، وڏي ڍور بدران اڪثر ٻڪرا خريد ڪندي نظر آيا. خبر موجب حيدرآباد ۾ هٽڙي باءِ پاس تي لڳندڙ مال پڙي کان علاوه قاسم آباد، لطيف آباد، حيدرآباد شهر توڙي ٻهراڙي جي اڪثر چونڪن تي ڀاڳيا قرباني لاءِ ننڍا توڙي وڏا ڍور وڪرو ڪندا آهن، پر هن سال عام چونڪن تي وڏا ڍور نظر نه آيا ۽ صرف ٻڪرا وڪرو ٿيندي نظر آيا. ان سلسلي ۾ قرباني لاءِ ٻڪرو خريد ڪندڙ هڪ شهري ٻڌايو ته هڪ ته وبا سبب پڙي تي وڃڻ کان بهتر آهي ته هتان ئي ٻڪرو خريد ڪجي، ڇاڪاڻ ته پڙي تي اڪثر ايس او پي تي عمل ڪندي نظر نه ٿو اچي. ٻيو ته مهانگائي سبب وڏو ڍور خريد ڪرڻ تمام ڏکيو آهي.  جڏهن ته شهر جي مختلف چونڪن تي مال وڪرو ڪندڙ ڀاڳين جو چوڻ هو ته حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن شهرن کي ويجهو ايندڙ هٽڙي ويجهو باءِ پاس تي لڳل مال پڙين ۾ سهولتن جي کوٽ به آهي، انتظاميا پاران ڪنهن به قسم جي سهولت نه ملڻ ڪري مال پڙي ۾ پنهنجا ڍور وڪري لاءِ آڻيندڙ مالوند ماڻهو توڙي واپاري سخت پريشان نظر ايندا  آهن. هنن جو چوڻ هو ته مال پڙي انتظاميا پاران مختلف صورتن ۾ ماڻهن کان ٽيڪس اڳاڙي ڪيو وڃي ٿو، پر ڪا به سهولتن موجود ناهي هوندي، جڏهن ته مال پڙي جي آزار ۽ تڪليفن کان بچڻ لاءِ حيدرآباد جي مک روڊن تي وڏي انگ ۾ پنهنجا ڍور ڪاهي اچي بيهاري ڇڏيندا آهيون. هنن چيو ته مهانگائي سبب اڪثر ڏٺو اهو ويو آهي ته قرباني لاءِ وڏي جانور بدران ٻڪرا سڀ کان وڌيڪ خريڪ ڪيا پيا وڃن.

لاڙڪاڻي ۾ عيد سيڪيورٽي لاءِ 1500 کان وڌيڪ اهلڪار مقرر

لاڙڪاڻو(ڊ ر) پوري ملڪ جيان لاڙڪاڻي ۾ به اڄ عيدالاضحيٰ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي ويندي، عيد جي موقعي تي لاڙڪاڻي  شهر سميت ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن توڙي مختلف علائقن ۾ 100 کان وڌيڪ عيدگاهن، مسجدن، امام بارگاهن ۽ کليل هنڌن تي عيد نماز ادا ڪئي ويندي جن جي سيڪيورٽي جي لاءِ 1500 کان وڌيڪ پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته رينجرز جا هڪ سئو جوان الرٽ هوندا. لاڙڪاڻو پوليس طرفان عيد جي ٽنهي ڏهاڙن تي سيڪيورٽي جا انظام انتهائي سخت ڪندي ضلعي ۾ موٽرسائيڪل ۽ موبائيل گشت ۾ اضافو ڪري اضافي پوليس پڪٽس قائم ڪيون ويون آهن. لاڙڪاڻي ضلعي جي اندر عيدالاضحيٰ جي ڏهاڙن ۾ امن امان کي قائم رکڻ ۽ سمورن معاملن جي نگراني جي لاءِ خصوصي ڪنٽرول روم به قائم ڪيو ويندو. هوڏانهن عيد جي موقعي تي شهرين طرفان مختلف قسمن جي جانورن جي قرباني ڪئي ويندي ۽ پاڙيسرين توڙي مٽ مائٽن ۾ جانور جو گوشت پڻ ورهايو ويندو. ميونسپل توڙي ضلعي انتظاميه طرفان شهر جي مختلف علائقن مان اوجهه کڻڻ جي لاءِ ميونسپل عملي کي مقرر ڪيو ويو آهي.

حيدرآباد ۾ٽرانسپورٽرن جي من ماني، ڀاڙن ۾واڌ ڪري ڇڏي

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد کان پنهنجي اباڻن ڳوٺن  ڏانهن عيدالاضحيٰ ملهائڻ لاءِ ويندڙ ماڻهن گاڏي مالڪ ڦرڻ لڳا، ڀاڙن  ۾ واڌ ڪري ڇڏي، جڏهن ته ٽرانسپورٽ کاتو سجاڳ ٿي وڌيڪ ڀاڙا  وٺندڙن خلاف ڪارروائي جو عمل تيز ڪري ڇڏيو. 115 گاڏين تي ڏنڍ وجهي  ڀاڙا  واپس ڪرائي ورتا. عيدالاضحيٰ جي موقعي تي حيدرآباد ۾ رهندڙ ماڻهن پاران پنهنجن اباڻن ڳوٺن ۾ عيد ڪرڻ لاءِ مسافر گاڏين ذريعي گهر ڀاتين سان گڏ روانگي جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته حيدرآباد کان مير پورخاص ، نگرپار ڪر ، عمر ڪوٽ، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، دادو، ميهڙ، لاڙڪاڻو، وارهه، قمبر،  سکر، شهدادڪوٽ، نوابشاهه، نوشهرو فيروز سميت ڪراچي ڏانهن   هلندڙ مسافر وينن ۽ بسن وارن عيد جي ڏهاڙن ۾ فائدو  وٺڻ لاءِ مجبور مسافر کي ٻنهي هٿن سان ڦري ڀاڙن ۾ چئوڻ تي واڌ ڪري پنهنجي مرضي جا ڀاڙا وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا، جڏهن ته وڌيڪ ڀاڙا وصول ڪرڻ تي مسافرن ۽ گاڏين مالڪن ۾ جهيڙو معمول بڻجي ويو آهي. جڏهن ته اهڙي عوامي شڪايتن تي حيدرآباد ٽرانسپورٽ اٿارٽي جي سيڪريٽري وحيد علي  پنهنجي ٽيم ۽ موٽر وي پوليس  سان گڏ مختلف روٽن تي هلندڙ گاڏين کي روڪي مسافرن کان وڌيڪ ورتل ڀاڙا واپس ڪرائي ڇڏيا، جنهن ۾ آر ٽي اي وحيد علي پنهور موجب 115 گاڏين تي 33000 هزار روپيا ڏنڍ وجهي 45000  روپيا مسافرن کي واپس ڪرايا، جڏهن ته  مسافر گاڏين جي مالڪن ۽ ڊرائيورن کي تنبيهه ڪئي آهي ته عيد جي موقعي تي ڪنهن به مسافر کان وڌيڪ ڀاڙا ورتا ويا ته انهن گاڏين جون روٽ پرمنٽ ڪينسل ڪيون وينديون.

عيدالاضحيٰ ايندي ئي سکر ۾ گوشت ٺاهڻ جي سامان جا اگهه چوٽ چڙهي ويا

سکر( رپورٽر) سکر ۾ عيدالاضحيٰ ايندي ئي گوشت ٺاهڻ جي سامان جا اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن. اڪثر دڪاندار ٽيڻي اگھن تي سامان وڪرو ڪري رهيا آهن. سکر شهر توڙي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ عيدالاضحيٰ تي قربانيون  ڪرڻ کان اڳ ئي گوشت ٺاهڻ جو سامان ٽيڻي اگهه تي وڪرو ڪيو پيو وڃي. ان ڏس ۾ سکر جي قاسائين جو چوڻ آهي ته قرباني جي عيد کان اڳ ئي دڪاندارن ڇرين، تڏن، چاقن، رواتين جا اگهه ٽيڻا ڪري ڇڏيا آهن. جنهن سبب سخت پريشاني مان گذري رهيا آهيون. ملڪ ۾ مهانگائي باوجود منافعي خور دڪاندارن اگھه وڌائي عوام لاءِ وڌيڪ پريشانيون پيدا ڪيو آهن.

حڪومت جون دعوائون بي اثر، گهوٽڪي ۾ روزمره جي شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا

گهوٽڪي ( ڊ ر ) وزيراعظم عمران خان  جا نوٽيس ۽ سنڌ حڪومت جون دعوائن بي اثر ،گهوٽڪي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ مهانگائي جو طوفان عيد جو موقعو ڏسندي ئي دڪاندارن اگھ آسمان تائين پهچائي ڇڏيا روزمره جون شيون به عام ماڻهن جي خريد ڪرڻ کان چڙهي ويون ، قادرپور ،سرحد گهوٽڪي ،عادلپور ،خانپور ،ميرپور ماٿيلو ،ڏهرڪي ،اٻاوڙو ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ اٽي ۽ کنڊ سميت عام واهپي جي شين جا اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ  عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي پرائيس ڪنٽرول اختياريون به خاموش تماشائي بڻيل آهن ، هوڏانهن گهوٽڪي ۾ عيد خريداري جي ڪري پير پائڻ جي جڳھ به ناهي ، ايس او پيز جون ڌڄيون اڏري ويون ،انتظاميا ڪن لاٽار ڪندي اهڙن حڪومتي فيصلن کي ٿڏي ڇڏيو .

لسٻيله ضلعي ۾ عيد دوران تفريحي ماڳ بند رکڻ جو اعلان

حب(ن ع آ) ڊپٽي ڪمشنر لسٻيله پاران جاري ڪيل هڪ پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ جي خطري جي ڪري لسٻيله ضلعي جي سمورن سياحتي ۽ تفريحي ماڳ مڪمل بند آهن، سمورن ٿاڻن ۽ داخلي رستن تي اضافي ناڪا لڳايا ويندا، تنهن ڪري شهري ۽ سياح ضلعي جي ڪنهن به سياحتي ۽ تفريحي ماڳن تي اچڻ جي زحمت نه ڪن، ان سلسلي ۾ ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

سکر انتظاميا حڪومت جي مال پڙين واري فيصلي کي هوا ۾ اڏائي ڇڏيو

سکر( رپورٽ) سکر انتظاميا حڪومت جي مال پڙين واري فيصلي کي هوا ۾ اڏائي ڇڏيو، شهر ۾ روڊن تي جانورن جي وڪري جو سلسلو جاري، خبرموجب حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي ڦهلجڻ کان روڪڻ لاءِ سنڌ ۾ شهرن کان ٻاهر مال پڙيون هڻي سماجي مفاصلي تحت جانورن جي خريداري ۽ وڪرو ڪرڻ واري حڪم کي سکر انتظاميا هوا ۾ اڏائي ڇڏيو آهي. سکر شهر جي سٽي باءِ پاس واري علائقي ۾ اڏيل مال پڙي باوجود سکر شهر جي مختلف علائقن مينارا روڊ، شاليمار، شڪارپور روڊ، ريس ڪورس روڊ، تير چوڪ، بندر روڊ وارن علائقن ۾ مال وند جانورن جي وڪري لاءِ بيٺل آهن. جتي شهري اچي جانورن جي خريداري ڪن ٿا. حڪومت پاران شهر ۾ جانورن جي وڪري تي پابندي باوجود سکر انتظاميا ڪابه ڪاروائي ناهي ڪئي. جنهن سبب شهر ۾ ڪورونا وائرس جي ڦهلجڻ جو خدشو وڌي ويو آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.