اڪري چودڳي ۾ دل جي سوراخ ۾ ورتل ٻارڙي فوت

اڪري چودڳي (ن ع آ) اڪري واسي پورهيت جي ٽن سالن جي گلن جهڙي ڌيءَ دل ۾ سوراخ  جي بيماري وگهي فوت  پورهيت سائٿ علي شر  جي  ٽن سالن جي ڌيءَ بسمه شر دل ۾ سوراخ جي بيماري ۾ مبتلا هئي، جيڪا اڄ صبح فوت ٿي وئي، پورهيت سائٿ علي موجب وس آهر مختلف اسپتالن ۽  اين آءِ سي وي ڊي سکر ۽ ڪراچي مان اعلاج ڪرايو پر منهنجي ڌيءِ صحتياب ٿي نه سگه، ڪالھه طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس اين آءِ سي وي ڊي سکر کڻي ويس پر ڊاڪٽرن کيس هٿ به نه  لاٿو ۽ گهر کڻي وڃڻ جو چيو کين منٿون ڪيون پر هڪ گوري به ڏنائون جنهن سبب منهنجي معصوم نياڻي تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.