حيدرآباد ۾نوجوان مبينا طور گهر جي ڇت تان ڪري فوت

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ هڪ نوجوان مبينا طور گهر جي ڇت تان ڪري فوت ٿي ويو. مارڪيٽ ٿاڻي جي حد هيرآباد واري علائقي ۾ نوجوان  سعاد پٽ شريف قريشي گهر جي ڇت تي ستل هو ته ڇت تان هيٺ ڪري فوت ٿي ويو، جڏهن ته علائقي ۾ گهر جي ڇت تان ڪري نوجوان جي فوت ٿيڻ واري واقعي بابت اهي چئوٻول هلي رهيا آهن ته نوجوان پنهنجي گهر جي ڇت تان ڪري فوت نه ٿيو آهي، ٻئي طرف وارثن جو چوڻ آهي ته سندن نوجوان پنهنجي ئي گهر جي ڇت تي ستل هو، جتان ڪريو ۽ بعد ۾ فوت ٿي ويو. ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته مامري جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.