ٺل ڀرسان حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان جي وارثن ڏانهن ميڙ

ٺل(رپورٽر) ٺل ۾ ٻه ڏينهن اڳ روڊ حادثي ۾ فوت ٿ ويل نوجوان 45 ورهين جي صدرالدين گولو جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد کيس  سوين آلين اکين سان ابائي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو،ڪالهه ئي چنگچي رڪشا جو مالڪ،شهر جي معززين سان گڏجي ميڙ کڻي متاثر ڌر وٽ پهتو،جتي گولا برادري پاران آيل ميڙ کي مان ڏيندي چنگچي رڪشا واري کي معاف ڪري ڇڏيو، ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ ٺل ڀرسان دلمراد ٿاڻي جي حد لاهي چاڙهي وٽ چنگچي رڪشا ۽ موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾ ٺل جو رهواسي صدرالدين گولو فوت ٿي ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.