بهارو لڳ ڀائرن ۾ زمين ورهاست تان جهيڙو، 8 ڄڻا زخمي

بهارو( ن ع آ ) بهارو ڀرسان  ڳوٺ ٽاڳڙو ۾ سڳن ڀائرن  محمد اعظم طارق، محمد طيب پنھور جي وچ ۾ مبينا زمين جي ورھاست معاملي  تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ محمد اعظم طارق عبدلحئي، محمد طيب ،عبدالسميع، عبداللطيف، دائود عبدالغني، عبدالباری لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا بھارو ٿاڻي تان ليٽر وٺڻ بعد علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته ٻئي ڌريون پاڻ ۾ سڳا ڀائر آهن، پوليس موجب زمين جي ورھاست معاملي تان ڌرين ۾ پراڻي ڇڪتاڻ ھلندڙ آهي،اسپتال مان فارغ ٿيڻ بعد مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.