حڪومت عوام کي عيد جو تحفو ڏئي ڇڏيو، پيٽرول مهانگو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت عيد جي موقعي تي عوام تي پيٽرول بم ڪيرائيندي پيٽروليم شين جي اگهه ۾ 4 کان 5 رپيا واڌ جو فيصلو ڪري ورتو.

ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت پهرين آگسٽ کان ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 4 کان 5 رپين تائين في ليٽر واڌ هوندي.

نون اگهن موجب پيٽرول 3 رپيا 86 پئسا في ليٽر، هاءِ اسپيڊ ڊيزل 5 رپيا في ليٽر، گاسليٽ 5 رپيا 97 پئسا ۽ لائٽ ڊيزل آئل 6 رپيا 62 پئسا في ليٽر مهانگو هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.