قومي ڪرڪيٽرن پنهنجن کان پري انگلينڊ ۾ عيد ملهائي

 

ڊربي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽرن انگلينڊ جي شهر ڊربي ۾ عيدالاضحيٰ ملهائي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏڻ لاءِ انگلينڊ ۾ موجود آهي، جتي اڄ رانديگرن ڊربي جي هوٽل ۾ عيد جي نماز ادا ڪئي.

قومي ڪرڪيٽرن وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين سرفراز احمد جي امامت ۾ نماز پڙهي ۽ خطبو به اڳوڻي ڪپتان ڏنو.

عيد نماز کانپوءِ رانديگر هڪٻئي سان ڀاڪر پائي مليا ۽ هڪٻئي کي عيد جي مبارڪ ڏني، جڏهن ته قومي ڪرڪيٽرن هڪٻئي سان گڏ سيلفيون به ڪڍيون.

ڪورونا وائرس جي خطري سبب قومي ڪرڪيٽرن کي ڪنهن ٻئي هنڌ وڃڻ جي اجازت ڏني هئي.

واضح رهي ته قومي ٽيم سڀاڻي ڊربي کان مانچسٽر رواني ٿيندي، جتي پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 5 آگسٽ کان شروع ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.