غوثپور ۾ سرسو ڪنڌڪوٽ پاران وي او ڌڻي بخش اوڳاهي جي 7 غريب خاندانن ۾ عيد راشن ورهايو ويو ، ڳوٺ جي رهواسي الله جيوايو ، شاھ غلام مصطفئ ، بابر، مارئي سومرو ۽ ٻين ۾ راشن ورهايو ويو ، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي متاثرن چيو ته مهانگائي جي دور ۾ جس آهي سرسو ڪنڌڪوٽ جي ٽيم کي جنھن وي او ڌڻي بخش اوڳاهي ۾ 7 خاندانن کي عيد راشن ڏيئي هڪ دفعو ٻيهر حوصلو ڏنو آهي ۽ اميد آهي ته اڳتي به غريبن کي ياد رکندا
عوامي آواز رپورٽ
غوثپور: سرسو ڪنڌڪوٽ پاران 7 غريب خاندانن ۾ عيد راشن ورهايو ويو