آسٽريلوي ٽينس اسٽار ايشلگ بارٽي يو ايس اوپن کيڏڻ کان انڪار

 

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) وومين ٽينس ۾ ورلڊ نمبر ون آسٽريلوي رانديگرياڻي ايشلگ بارٽي يو ايس اوپن کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

هن اهو فيصلو ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي ڪيو آهي.

ايشلگ بارٽي موجب مان ويسٽرن ۽ سدرن اوپن کيڏڻ لاءِ هن سال آمريڪا نه وينديس، راند سان بيحد لڳاءُ آهي پر ڪورونا وائرس جو خدشو به آهي، جنهن سبب مون کي اهو ڏکيو فيصلو ڪرڻو پيو.

سندس چوڻ هو ته مان ايندڙ سال يو ايس ٽينس لاءِ وينديس، جڏهن ته فرينچ ۽ ڊبليو ٽي اي يورپي ٽوئرز جي حوالي سان ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ فيصلو ڪنديس.

واضح رهي ته يو ايس اوپن هن سال 31 آگسٽ کان شيڊيول آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.