”عيد خراب ٿيڻ کان بچايو ۽ ڄاڻي وٺو ته 24 ڪلاڪن ۾ ڪيترو گوشت کائڻ گهرجي“

عيد الاضحيٰ تي هر پاسي ڀلا ڀلا پڪوان پيا سجندا آهن ۽ عوام جو سڄو ڌيان گوشت کائڻ تي هوندو آهي پر وڌيڪ گوشت کائڻ سان جسماني مسئلا به ٿي سگهن ٿا.

هڪ فرد کي ڏينهن جي 24 ڪلاڪن ۾ ڪيترو گوشت کائڻ گهرجي ۽ وڌيڪ گوشت کائڻ سان ڪهڙا مسئلا جنم وٺي سگهن ٿا، عيد کان پهرين اِهو ضرور ڄاڻي وٺو ۽ احتياطي تدبيرون به اختيار ڪري وٺو.

ڇا توهان کي خبر آهي ته انسان کي 24 ڪلاڪن ۾ رڳو اڌ پاءُ يا هڪ پاءُ گوشت ئي کائڻ گهرجي نه ته توهان کي مختلف بيمارين کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو ۽ عيد جو مزو به خراب ٿي سگهي ٿو.

ان حوالي سان ڪلينيڪل ڊائٽيشن ثنا اصغر جو چوڻ آهي ته قرباني جي گوشت ۾ سڻڀ وڌيڪ هوندي آهي ان ڪري شگر، هاءِ بلڊ پريشر سميت دل جي مرضن ۾مبتلا ماڻهن کي خاص طور تي احتياط ڪرڻو آهي ڇو ته گوشت جو وڌيڪ استعمال توهان کي تڪليف ڏئي سگهي ٿو.

طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته قرباني جي گوشت کي چڱي ريت صاف ڪرڻ ۽ چڱي ريت پچائڻ به نهايت ضروري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.