بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين آمريڪا جي ڀيٽ ۾ پنهنجو هڪ سيٽلائيٽ نيويگيشن سسٽم متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.
صدر شي جن پنگ بيجنگ ۾ رٿيل هڪ تقريب ۾ 31 جولاءِ جمعي ڏينهن ”باءِ ڊو“ نالي اهو سسٽم لانچ ڪيو.
انتهائي حد تائين درست نيويگيشن کانسواءِ اهو سسٽم ميسيجنگ ۽ تصويرن جي ڏي وٺ لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو.
چيو پيو وڃي ته اها اڳڀرائي چين جي سلامتي ۽ جيوپوليٽيڪل سطح تي ان جي اثر کي وڌيڪ مضبوط ڪندي.