رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي شاهه سلمان مڪمل صحتيابيءَ کانپوءِ اسپتال مان پنهنجي گهر منتقل ٿي ويو آهي.
هو پِتي جي سرجري لاءِ گذريل هڪ هفتي کان ملڪي تخت گاهه رياض جي هڪ اسپتال ۾ هو ۽ کيس اڄ جعي ڏينهن گهر منتقل ڪيو ويو آهي.
84 ورهين جو شاهه سلمان ڪنگ فيصل اسپيشلسٽ اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.
هن اڄ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي سڄي دنيا جي مسلمانن لاءِ مبارڪن جون پيغام به ڏنو آهي.