”5 آگسٽ تي قوم حڪومت جي ناڪام ڪشمير پاليسي جي ورسي ملهائيندي“

 

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پ پ جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته ڪشمير تان هٿ کڻي هاڻ قوم کي ڀاشن سان وندرايو پيو وڃي، شاهه محمود قريشي ملڪ جي تاريخ جو ناڪام ترين پرڏيهي وزير آهي.

حيدرآباد مان جاري ڪيل بيان ۾ مولا بخش چانڊيي چيو ته 5 آگسٽ تي قوم حڪومت جي ناڪام ڪشمير پاليسي جي ورسي ملهائيندي، پرڏيهي وزير پنهنجون ناڪاميون لڪائڻ لاءِ اپوزيشن سان تڪرار چاهي ٿو.

هن شاهه محمود قريشي کي مخاطب ٿيندي چيو ته ٻڌي ڇڏيو! بلاول ڀٽو زرداري وقت جو آواز آهي، جنهن کي ڪير دٻائي نٿو سگهي، پارليامينٽ ۾ هيٺين کي آڻي قومي اڳواڻن جي ڪردار تي حملا ڪرايا ويندا آهن.

پ پ اڳواڻ موجب اسان عوام جي حقن، جمهوريت ۽ آئين جي ڳالهه ڪندا آهيون، جواب ۾ گار گند شروع ڪئي ويندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.