وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس: ڪراچي جي 3 وڏن نالن جي صفائي جو ڪم ايف ڊبليو او حوالي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت، هيڊ ڪوارٽر ڪور 5، نيشنل ڊيزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ۽ فرنٽيئر ورڪ آرگنائزيشن (ايف ڊبليو او) ڪراچي جي ٽن وڏن نالن جي صفائي وارو ڪم ايف ڊبليو اي جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ڪراچي ۾ اعليٰ سطح جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صوبائي حڪومت ادارن جي مدد سان شهر جي نالن تي قائم حددخلين کي ختم ڪندي.

وزير اعظم عمران خان نيشنل ڊيزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) کي ڪراچي ۾ مينهن جي نالن جي صورتحال جي باري ۾ تفصيلي جائزي واري رپورٽ پيش ڪرڻ هدايت ڪئي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ مڪاني ادارن واري وزي سيد ناصر حسين شاهه، قانون واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل همايون عزيز، چيئرمين اين ڊي ايم اي ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، ڪور 5 جي بريگيڊيئر حسين مسعود، اين ڊي ايم اي جي بريگيڊيئر حسين مسعود ۽ ٻين اهم اهم عهديدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ جن ٽن نالن جي صفائي جو فيصلو ڪيو ويو ان ۾ سينٽرل ضلعي جو گجر نالو ۽ ضلعي ڪورنگي جو سي بي ايم نالو به شامل آهي جنهن کي هن جي اصل حالت ۾ آندو ويندو.

ايف ڊبليو او شاهراهه فيصل جي ٻنهي پاسن کان مينهن جي نالن جي صفائي کان سواءِ ڀرپاسي واريون چيڪ پوائنٽس مثال ايف ٽي سي، نرسري، گلشن ظفر، ٽيپو سلطان روڊ، ڪارساز، ڊرگ روڊ ۽ اسٽار گيٽ شامل آهن.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سمورن نالن جو گند ڄام چڪرو ۽ ٽي پي ون جي ڊمپ سائٽس تي منتقل ڪيو ويدنو.

ٻئي پاسي بلديات وارو کاتو فوج ۽ رينجرز جي سهڪار سان نالن تي قائم حددخليون ختم ڪندو.

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪي ايم سي وٽ 38 نالا آهن ۽ هي سڀ ورلڊ بينڪ پروجيڪٽ ”سوئپ“ جي تحت صاف ڪيا پيا وڃن.

هن ٻڌايو ته ڪي ايم سي کان سواءِ ڊي ايم سي وٽ 514 ننڍا نالا آهن ۽ هو صفائي جا ذميوار آهن جنهن جي لاءِ سنڌ حڪومت هنن کي واڌو فنڊ فراهم ڪري رهي آهي.

ان کان سواءِ ٻڌايو ويو ته شهر ۾ ڪنٽونمنٽ ۽ ڪي ڊبليو ايس بي جا ڪجهه نالا آهن جنهن جي لاءِ سنڌ حڪومت ڪي ايم سي نالن جي صفائي لاءِ فنڊ مهيا ڪندي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته لياقت آباد ۽ شير شاهه سوري روڊ جتي نالي ۾ گرين لائن انفرااسٽريچڪر جا ٿنڀا هنيا ويا اُتي مينهن جو پاڻي گڏ ٿيو.

هن ٻڌايو ته اورنگي نالي تي ڪشمير ڪالوني ۽ گلستان جوهر تي حددخلين جي ڪري پاڻي جي نيڪالي ممڪن نه ٿي سگهي.

مراد علي شاهه چيو ته تازي چوماسي ۾ هڪ ڪلاڪ ۾ 63 کان 86 ملي ميٽر مينهن وسيو جڏهن ته شهر جو موجوده انفرااسٽريڪچر 30 منٽ ۾ 30 ملي ميٽر تائين برداشت ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير چيو هو ته رين ايمرجنسي جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي نالن جي صفائي ۽ ان بابت ٻين خرچن لاءِ 46 ڪروڙ 30 لک رپيا جاري ڪيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.