کنڊ انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ تي ڪارروائي لاءِ ايف آءِ اي جي 11 رڪني ٽيم قائم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) کنڊ انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جي معاملي تي ڪارروائي لاءِ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) 11 رڪني جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي.

ايف آءِ اي جي انڪوائري ٽيم جو سربراهه ڊائريڪٽر ايف آءِ اي اسلام آباد زون ڊاڪٽر معين مسعود هوندو.

وفاقي جاچ اداري جي ٽيم جعلي طور کنڊ افغانستان موڪلڻ رڻ جي معاملي جي جاچ ڪندي.

جاچ ٽيم ۾ ڪسٽمز، ايف آءِ اي ۽ ايف بي آر سميت اسٽيٽ بئنڪ جا نمائندا شامل آهن.

ايف آءِ اي جي ٽيم مني لانڊرنگ جي حوالي سان جاچ ڪندي.

واضح رهي ته وفاقي ڪابينا 23 جون تي شگر ڪميشن جي رپورٽ تي ڪارروائي جي منظوري ڏني هئي.ط

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.