”نيب قانون تي بليڪ ميل نه پر ايف اي ٽي ايف تي حڪومت جي چوري پڪڙي“

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي سيڪريٽري جنرل ۽ اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته مخالف ڌر حڪومت کي قومي احتساب بيورو جي قانون تي بليڪ ميل نه ڪيو پر فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) تي حڪومت جي چوري پڪڙي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته 2 سالن ۾ دنيا ۾ ايترو واپار بند ناهي ٿيو جيترو عمران خان جي حڪومت ۾ بند ٿيو.

هن چيو ته اسان کي توهان کان ڪا به سهولت نه گهرجي، پاڪستان جي عوام کي سهولت ۽ جيئڻ جو حق ڏيو، اڄ جنهن ملڪ جي معيشت ختم ٿي ويندي ان جو دفاع به ختم ٿي ويندو.

احسن اقبال جو چوڻ هو ته عمران خان اين آر او جي تسبيح پڙهي پاڪستان جي معيشت جي تباهي تي پرده نٿا وجهي سگهون، اڄ پاڪستان جي دفاع کي خطرو آهي، ڀارت دفاع جو نئون ساز و سامان خريدي رهيو آهي ۽ اسان وٽ بجيٽ ۾ جاري خرچ نه پيا پون.

هن چيو ته اسان 5 سالن ۾ 3 هزار 200 ارب رپين سان ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا جنهن سان ملڪ کي ترقي جي نئين سطح تي آندو ۽ اڄ هي چون ٿا ته بيمار معيشت ملي.

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته ڪنهن کان وڃي پڇو ته 2 سال پهرين وارو پاڪستان بهتر هو يا عمران خان جو نئون پاڪستان بهتر آه ، واپاري، سيڙپڪار، ڊاڪٽر، مزدور، انجنيئر هر ماڻهو ٻڌائيندو ته 2 سال پهرين اميد هئي ۽ اڄ نااميدي ۽ مايوسي آهي.

هن چيو ته حڪومت عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي، اڄ ملڪ ۾ پيسا نه پيا ڀڄن پر ٽيلنٽ پيو وڃي جنهن سان ملڪ کي سخت خطرا لاڳو آهن.

احسن اقبال چيو ته چون ٿا ته مخالف ڌر نيب جي قانون تي بليڪ ميل ڪري رهي هئي، اسان بليڪ ميل نه ڪيو اصل ڳالهه اِها آهي ته فناشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس تي حڪومت جي چوري پڪڙي.

هن چيو ته اسان حڪومت جي چوري پڪڙي آهي جيڪا هي ايف اي ٽي ايف جي نالي تي ڪري رهيا هئا، حڪومت جيڪو بل پاس ڪري رهي هئي پر ان جو دفاع نه ڪري سگهي ۽ هي ڀارت ۾ والاريل ڪشمير کان به خطرناڪ ڪارو قانو پاڪستان ۾ لاڳو ڪرڻ پيا وڃن جنهن ۾ اڪنامڪ ٽيراررزم جي حوالي سان هر بزنس مين، واپاري، دڪاندار شخص معاشي دهشتگرد بڻجي تباهه برباد ٿي ويندو، اُهو دنيا ۾ ڪٿي به واپار نه ڪري سگهندو.

حڪومت هن ملڪ ۾ اهڙو قانون مڙهي رهي هئي جنهن جي تحت ڪو به صحافي 6 مهينن جي لاءِ اندر ٿي ويندو ۽ ان کي به دهشتگردي قرار ڏنو ويندو، ڪو به مخالف 6 مهينن جي لاءِ اندر ٿي ويندو ۽ هن وٽ آئين ۽ قانون جو ڪو به تحفظ نه هو ته هو ڪهڙي ڪال ڪوٺڙي ۾ ويندو ڪنهن کي خبر نه پوندي ته 6 مهينن جي لاءِ حڪومت جو مخالف گم ٿيل شخص بڻجي ويو آهي.

 احسن اقبال وڌيڪ چيو ته حڪومت هي قانون کڻي آئي هئي ۽ اسان اِها چوري پڪڙي هئي ۽ هو ايف اي ٽي ايف جي نالي تي ائين ڪري رهيا هئا.

هن چيو ته اسان حڪومت جي چوري کي نه ڇڏينداسين، عالمي برادري جي سامهون پيش ڪنداسين، اسان آمريڪا، يورپي يونين جي ملڪن کان پڇنداسين ته ڇا توهان حڪومت کي اهڙو ڪارو قانون بڻائڻ جي ڪا تجويز ڏني هئي ۽ جيڪڏهن نه ڏني هئي ته حڪومت کان گهٽ ۾ گهٽ اِهو سوال ضرور پڇو ته توهان جو نالو وٺي حڪومت 22 ڪروڙ عوام کي اونداهي ۾ ڪاري قانون جي رسي ۾ ڦاسائڻ جو منصوبو ڇو بڻائي رهي هئي.

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته حڪومت کي اِها چوري پڪڙڻ تي تڪليف آهي، هر قانون نواز شريف ۽ اسحاق ڊار کي سامهون رکي بڻايو ويندو آهي، هر مخالف کي سامهو رکي بڻايو ويندو ڀلي ان جي پٺيان ملڪ جو نقصان ئي ڇو نه هجي.

هن چيو ته چون ٿا حڪومت، نيب کي ختم ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪا ڳالهه چوندا هئاسين هاڻ اعليٰ عدالتن جي حڪمن ان تي مهر هڻي ڇڏي آهي ته هي هڪطرفي احتساب وارو ادارو آهي، سياسي انجنيئرنگ جو ادارو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.