ناصر شاهه طرفان جانورن جي باقيات کڻڻ ۽ جراثيم مار اسپري جون هدايتون

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ناصر حسين شاهه اجتماعي قرباني وارن هنڌن تان جانورن جي باقيات کڻڻ ۽ جراثيم مار اسپري جون هدايتون جاري ڪيون آهن.

صوبائي وزير ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي صفائي سٿرائي جي حوالي سان وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ ڪراچي جي ڪمشنر افتخار شالواڻي، مڪاني سيڪريٽري روشن شيخ، ايم ڊي ايس ايس ڊبليو ايم اي ڪاشف گلزار شيخ، ڪي ايم سي جي مسعود عالم ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ايس ايس ڊبليو ايم اي ۽ ڊي ايم سيز جي آفيسرن تي ٻڌل سب ڊويزن سطح جون ڪميٽيون جوڙيون ويون، انهن ڪميٽين تي باقيات کڻڻ ۽ ان کي ٺڪاڻي لڳائڻ جي ذميواري هوندي.

ان موقعي تي صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته هن ڀيري گهٽين ۽ روڊن تي قرباني تي پابندي هوندي، جتي اجتماعي قرباني ٿئي، اتان به بنا دير باقيات کنئي وڃي ۽ جراثيم مار اسپري ڪيو وڃي.

اجلاس ۾ ايم ڊي ايس ايس ڊبليو ايم اي جي ايم ڊي ڪاشف گلزار ٻڌايو ته هن عيد تي 1.07 ملين ٽن باقيات کڻڻ جو پلان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.