3 صوبا، ڏيهي، پرڏيهي ايئر لائنز، ايڌي ۽ ٻيا سي اي اي جا ٽيڪس ڊيفالٽر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سول ايوي ايشن اٿارٽي (سي اي اي) ٽيڪس چالانه جمع نه ڪرائڻ تي ڪيترين ئي ملڪي ۽ پرڏيهي ايئر لائنز ۽ ادارن کي ڊيفالٽ ڪري ڇڏيو.

سي اي اي طرفان ٽيڪس چالان جمع نه ڪرائيندڙ ايئر لائنز، ادارن ۽ ڪمپنين کي خط به جاري ڪيا ويا آهن.

خط ۾ ڊيفالٽرز جي فهرست ۾ 397 ايئر لائنز، فلائنگ ڪلب، سفارت خاني ۽ ايوي ايشن سروسز شامل آهن.

ايئر لائنز جي لسٽ ۾ ايئر فرانس، چارٽر، برٽش ايئر سرفهرست آهن. ان کان سواءِ ايئر ڪينيڊا، قطر ايئر، ايمريٽس، اتحاد ايئر، گلف ايئر، ترڪش ايئر لائن به شامل آهي.

بنگلاديش، ايران، سعودي عرب، يو اي اِي، چين، انڊونيشيا، عراق، ڪويت، جاپان، قطر، ڪرغستان، ناروي ۽ سري لنڪا به سي اي اي جي ٽيڪس نه ڏيندڙن جي فهرست ۾ شامل آهن.

ٿائيلينڊ، ڏکڻ آفريقا، ايٿوپيا، روس، نيوزيلينڊ، جرمني ۽ اسپين جي سفارتخانا به ڊيفالٽ لسٽ ۾ موجود آهن.

سي اي اي طرفان لاهور، پشاور، ملتان فلائنگ ڪلبز، ڪراچي ايرو ڪلب، شاهين فلائنگ ڪلب فيصل آباد کي به ڊيفالٽ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

ان کان سواءِ ايڌي فائونڊيشن، سيرين ايئر، ايئر بليو، عسڪري ايئر، پنجاب حڪومت، سنڌ حڪومت ۽ بلوچستان حڪومت به سول ايوي ايشن جي ٽيڪس ڊيفالٽر آهي.

سي اي اي جو چوڻ آهي ته ادارن طرفان مالي سال 20-2019ع جي بلن جا ٽيڪس پيمنٽ چالان جمع ناهن ڪرايا، ان ڪري هنن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته مالي سال 20-2019ع جا ٽيڪس پيمنٽ چالان جلد کان جلد جمع ڪرائن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.