واضح ٿي چڪو آهي ته ايف بي آر اختياريون ڪنهن کان هدايتون وٺي رهيون آهن: جسٽس قاضي فائز جي گهرواري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري سرينا عيسيٰ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي آزادي ۽ خودمختياري تي هڪ ڀيرو ٻيهر سوال اٿاري ڇڏيا.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري طرفان ايف بي آر کي لکيل ٻئي خط جي ڪاپي ميڊيا حاصل ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ سرينا عيسيٰ چيو آهي ته جنهن شخص اي آر يو سان گڏجي غير قانوني طور تي مون بابت ڄاڻ گڏ ڪئي، ان ئي شخص کي منهنجي ڪيس ۾ انڪم ٽيڪس آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي.

سرينا عيسيٰ موجب 9 جولاءِ 2020 کان سوالن جا جواب گهري رهي آهيان پر ايف بي آر اختياريون منهنجي پڇيل 12 سوالن جا جواب ڏيڻ کان قاصر آهن.

هن شڪايت ڪئي ته پنهنجي ٽيڪس ريٽرنس جي ڪاپي جو مطالبو ڪيو هو، جيڪا فراهم نه پئي ڪئي وڃي، ريحان نقوي، جنهن منهنجا ٽيڪس ريٽرن فائيل ڪيا هئا، اهو هاڻ هن دنيا ۾ ناهي رهيو پر مان 21 جولاءِ تي پاڻ ٻيهر ايف بي آر ۾ پيش ٿيس ۽ جواب الجواب جمع ڪرايو.

سرينا عيسيٰ چيو آهي ته ايف بي آر جي موڪليل نوٽيسن جي تحريرن ۾ واضح فرق موجود آهي پر ٻنهي تي صحيحون ڪمشنر ايف بي آر ذوالفقار احمد جون ئي آهن، اها ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته ايف بي آر اختياريون ڪنهن کان هدايتون وٺي رهيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.